خبردار! سوال ڪرڻ منع آهي!

0
173
خبردار! سوال ڪرڻ منع آهي!

 تاريخي جي ٽي روڊ تي هزارين مذهبي ڪارڪنن جو غلبو، وڏا آواز  ۽ نعرن جي گونج، هيجاني ڪيفيت، هنگامو پوليس وارن تي ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان حملا، اهڙا منظر جو مٿو ڦري وڃي ۽ ساهه ٻوساٽجي. ٻئي طرف اسلام آباد م حڪومتي وزيرن جي وائڙائپ آهي. اڃان آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري تي تڪرار جا ڪڪر نه ٽريا  هئا جو حڪومت هڪ ٻئي تڪرار ۾ ڦاسي پئي آهي. عوام پريشان آهي ۽ متاثر علائقن ۾ ڪاروبار ٺپ آهي.

هن احتجاج کي پابندي پيل تحريڪ لبيڪ جو ساليانو انتهاپسندي جو ميلو ئي سهجهو. سن 2017ع جي فيض آباد واري ڌرڻي کانپوءِ ته اهائي عادت بڻجي وئي اٿن. مطالبا مڃيو نه ته ايئن سمجهو ته مذهبي انتهاپسندي جي ڪارتوسن سان ڀريل بندوق معاشري جي لوندڙي تي رکي ويندي. حڪومت پنهنجي بيوسي جو اظهار ۽ رياست سمجهوتن ۽ مجبورين جي گهوڙين جو سهارو وٺي ڪنڌ جهڪائيندي آهي. هن ڀيري جڏهن پرتشدد احتجاج جاري هو ته عمران خان حڪومت کي تحريڪ لبيڪ سان منهن ڏيڻ لاءِ طاقت جي استعمال ۽ ڳالهين جي ٻه منهين تلوار تي لڏندي ڏٺوويو.

صبح جو شيخ رشيد احمد احتجاج ڪندڙن جي ڄاڙي ۽ گوڏن تي هٿ پيو رکي، مٿن گهور پيو وڃي ۽ شام جو دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ جا الزام پيو هڻي. فواد چوڌري ٽي ايل پي کي پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي فسادي پيو سڏي ۽ هن تحريڪ کي انڊيا سان مبينا لاڳاپو جوڙي پيو. ايئن سمجهو ته ڄڻ حڪومت تحريڪ لبيڪ جي احتجاجي تڪرار کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنفيوزن جي سليماني ٽوپي پاتي هجي.

لڳ ڀڳ هفتو گذري ويو  پر معاملو اتي جو اتي هو ۽ پوءِ اوچتو ٽي وي اسڪرينن تي اسان کي خوشي جي خبر ٻڌائي وئي ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ جو معاهدو ٿي ويو آهي جنهن ۾ جوش سان نه پر هوش سان ڪم ورتو ويو آهي. هڪ طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ويٺو آهي، جنهن جا ڪيترائي ڪردار آهن. ڪڏهن سوٽ بوٽ ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن پنهنجي مريدن ۾ تعويذ ڌاڳا ورهائيندو وتندو آهي. درگاهه جو گادي نشين آهي، سندس مريدن جي نظر ۾ مرشد ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

اسان کي ته سندس سياسي ڪرامتن جي خبر آهي. جهڙي ريت آساني سان حليو بدلائي ٿو اوتري ئي آساني سان ماضي ۾ سياسي وابستگيون تبديل ڪرڻ ۾ مهارت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ٻئي پاسي پٽڪن ۾ تحريڪ لبيڪ جا اڳواڻ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ اها شخصيت آهي جيڪڏهن اها نه هجي ته اسان عيد ۽ ٻيا مذهبي تهوار اسلامي اجازت کانسواءِ ڪيئن ملهايون ها؟ چنڊ جي پيش گوئي کي اسلام جو ويس پارائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مفتي منيب الرحمان جي لفظن کانسواءِ عيد ملهائڻ جو تصور به نه پيو ڪري سگهجي  پر سندس ناقد کيس سرڪاري مولوي سڏيندا آهن.

ٻڌو آهي ته رکوالن جي هاٽ لائن تي موجود هوندو آهي. جڏهن ڪو بحران هجي مفتي صاحب پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ وارد ٿيندو آهي، هن ڀيري به جڏهن تحريڪ لبيڪ جي مظاهرو ڪندڙن حڪومت جي ڳالهه نه مڃي، ضمانت ۽ ضامن گهريا ته تحريڪ لبيڪ جي بريلوي مسلڪ مان ته مفتي منيب صاحب موجود هو ۽ هڪ ٻئي ضامن جو مطالبو هو، جنهن جو ماضي ۾ “فيض” حاصل ٿيو هو.فيض آباد ڌرڻي جي معاهدي تي جنرل فيض، جيڪو هن وقت آءِ ايس آءِ سربراهه آهي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد رخصت ٿي پشاور جو ڪور ڪمانڊر جو عهدو سنڀاليندو، انهن جي صحيح موجود هئي.

ان معاهدي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ٿيون. هن ڀيري هڪ ٻي تصوير گردش ۾ آهي. آرمي يچف جنرل باجوه صاحب وچ ۾ آهي، هڪ طرف مشهور ڪاروباري شخصت ۽ ٻئي طرف مفتي منيب الرحمان آهي. خيال آهي ته ان ملاقات کانپوءِ ئي ٽي وي اسڪرينز تي حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ معاهدي جي خوشخبري ٻڌائي وئي هئي. اسان به ان پريس ڪانفرنس جو رخ ڪريون ٿا.

مفتي منيب قوم تي ٿورو ٿڦيو ته ڪيئن سوچي سمجهي حالتن کي رتوڇاڻ کان محفوظ رکيو ويو آهي. معاهدي جي شقن کي اڃان تائين ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ ميڊيا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪجهه ڏينهن پنهنجو دڪان نه چمڪايو ڄڻ چيو ويو آهي ته خاموشي اختيار ڪريو. مفتي منيب صاحب دڪان ڪنهن کي چمڪائڻو آهي؟ اها سڀني کي خبر آهي. جڏهن اتي موجود صحافي سوال پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاهه محمود قريشي صاحب اٿي بيٺو ۽ فرمايو ته هتي ڪو سوال جواب نه ٿيندو. اسان کي منير نيازي جو شعر ياد اچي ويو پر ڪجهه ترميم جي جرئت سان:

ڪسي ڪو اپني عمل ڪا حساب ڪيا ديتي

اعمال ساري غلط ٿي جواب ڪيا ديتي..

توهان هڪ پابندي پيل تنظيم سان معاهدو ڪريو ٿا ۽ عوام کي اجازت به نه آهي ته اهي ڄاڻي سگهن ته شرط ڪهڙا آهن؟ سڀ ڪجهه سامهون ٿي رهيو آهي ۽ توهان هميشه جيان عوام جي اکين تي پردو وجهڻ چاهيو ٿا؟ پوليس وارن جي موت جو ڪير ذميوار آهي؟ توهان انهن کي انتهاپسند جٿن جي سامهون ڍال طور استعمال ڪريو ٿا. هو طاقت استعمال ڪن يا خاموش رهن؟ پنهنجي حياتين کي قربان ڪن يا هٿيار ڦٽا ڪن؟ ان ڪنفيوزن جي سليماني ٽوپي سان توهان جي حڪومت ۽ رياست پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ چاهي ٿي.

خير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي آتم ڪهاڻي ئي ڪجهه اهڙي آهي. چاهي حڪمران عوام جا چونڊيل هجن يا فوجي آمر، سوال پڇڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي؟ اسان کي ته ياد نه ٿو اچي ته ڪڏهن عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويو هجي. ملڪ کي افغان جنگ ۾ لاٿو ويو، پنهنجي اڱڻ ۾ انتهاپسندي جي ٽانڊن جو ڍير لڳايو ويو جنهن مان هاڻ شعلا پيا ڀڙڪن. نوي جي ڏهاڪي ۾ سڄي دنيا جي مخالفت باوجود طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو ويو ته پارليامينٽ ۾ ڪهڙو بحٿ ٿيو؟ جنرل مشرف قوم  کي صدر بش جي ڌمڪي واري فون ڪال سان خاموش ڪرايو. ڊرون حملن جي خاموشي سان اجازت به ڏني وئي، قوم کي آمريڪين خلاف احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ به ڪيو ويو. فوجي اڏا به آمريڪا جي حوالي ڪيا ويا ته عوام کان ڪهڙو ووٽ ورتو ويو هو؟ تحريڪ طالبان پاڪستان، جنهن جي جهولي اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن، اي پي ايس اسڪول جي ٻارن ۽ معصوم شهرين جي رت سان ٻڏل آهي، ان سان ڳالهين جو انڪشاف وزيراعظم عمران خان ڪري ٿو، نه پارليامينٽ ۾ بحث، نه سوال ۽ نه ئي جواب.

خير ماضي ۾ حافظ گل بهادر سان معاهدو هجي يا صوفي محمد سان، انتهاپسندن سان معاهدن جي ناڪامين جي هڪ تاريخ آهي. هاڻ تحريڪ لبيڪ سان هڪ ٻيو نامعلوم معاهدو ڪيو ويو آهي، وقتي طور تي انهن جا شرط مڃي معاملي کي عارضي طور تي ٽاري سگهجي ٿو پر هر معاهدي سان رياست ڪمزور ٿيندي آهي ۽ انتهاپسند طاقتور. تحريڪ لبيڪ کي ئي وٺو. جيڪڏهن ڪجهه سال اڳ پٺ نه ٺپي وئي هجي ها ته، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي ها ته هي تحريڪ شايد ايتري وڏي طاقت نه بڻجي ها جو هر سال رياست کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ها.

سياسي پارٽيون ۽ حڪومتون سياسي فائدن لاءِ اهڙين پارٽين سان چونڊ ڳٺ جوڙ ڪنديون آهن ۽ انهن کي مستقل بنيادن تي معاشري ۾ سياسي قبوليت حاصل ٿي ويندي آهي. نواز ليگ هجي يا پيپلزپارٽي يا تحريڪ انصاف، هي سڀ ڪٿي نه ڪٿي ان ڳٺ جوڙ ۾ شامل رهيا آهن. اطلاع آهن ته تحريڪ ليبڪ تان پابندي پيل تنظيم جو داغ هٽايو ويندو ۽ ان کي هڪ سياسي مذهبي طاقت جي حيثيت سان تسليم ڪيو ويندو. حڪومت هن پارٽي جي سربراهه سعد رضوي صاحب جي آزادي ۾ رنڊڪ نه بڻجندي ۽ بدلي ۾ تحريڪ لبيڪ فرانسيسي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ ۽ سفارتخاني کي بند ڪرڻ جهڙن مطالبن تان پوئتي هٽي ويندي.

توهان فيصلو ڪري وٺو ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو؟ تحريڪ انصاف جي ڪجهه سياسي جادوگرن جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ کي جيڪڏهن سياسي پارٽي تسليم ڪيو وڃي ته ايندڙ چونڊن خاص طور تي پنجاب ۾ شريف خاندان جي نواز ليگ جا ووٽ ورهائجي ويندا ۽ سياسي دشمنن کي نقصان به ٿيندو. اڄ جو فائدو پر سڀاڻي لاءِ نه ڀرجي سگهجڻ جهڙو نقصان، اسان جون سياسي پارٽيون هجن يا اسٽيبلشمينٽ اهي سبق سکڻ کان قاصر آهن.

انتهاپسند ۽ ويڙهاڪ گروهن سان معاهدن سان عالمي برادري جي نظرن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ساک کي نقصان پهچندو آهي ۽ معاشري ۾ انتهاپسندي کي به هٿي ملندي آهي. سوال اهو آهي ته بلوچ قوم پرست هجن، سنڌي يا پشتون قوم پرست،  اهي توهان جي نظر ۾ رياست مخالف آهن. قوم پرست ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت جائز ۽ شايد ڪنهن جي نگاهه ۾ ڪجهه ناجائز پنهنجا حق گهرن ٿا. پر انتهاپسند رياست تي پنهنجو نظام ٿاڦڻ چاهين ٿا. ان سان دنيا ۾ ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو آهي.

ايف اي ٽي ايف جي ڪاري داغ کي پاڻ کان پري رکڻ جي ويڙهه ڪيئن ممڪن هوندي؟ آمريڪا طرفان افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامين جي ڍير کي توهان پاڻ مٿان ڪرڻ کان ڪيئن روڪي محفوظ رکي سگهندئو؟ ماضي جي غلطين جو بار پهرين ئي رياست جي ڪلهن تي آهي، معاشري جا بنياد انتهاپسندي سان کوکلا ٿي چڪا آهن. ان موڙ تي انتهاپسندن سان معاهدن جي خوشي توهان کي مبارڪ ۽ سوال جواب کان محروم ڪرڻ جو افسوس ۽ پنهنجي خاموشي اسان کي مبارڪ!