خانپور ويجھو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

0
193
خانپور ويجھو جتوئي برادري

خانپور(ن پ ا) خانپور ويجھو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ڪمالاڻي ۽ عطراڻي وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي چئن پاڙن ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺ گونو ڪمالاڻي تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمالاڻي ڌر جو يار محمد ڪمالاڻي گولين جو کاڄ بڻجي ويو، جڏهن ته شاهه بيگ ۽ عطو ڪمالاڻي سخت زخمي ٿي پيا

ڌريون مورچا بند ٿي ڪري ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري رهيا آهن، گولين جي تڙ تڙ آواز تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي، رستم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

خانپورمھر ويجهو فصل ۾ چوپايو مال گهڙڻ تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، نوجوان قتل