خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ۾ ڳوٺ جمال بوزدار جي رهواسين شان علي بوزدار، مسمات گلان ۽ احسان بوزدار احتجاج ڪندي چيو ته خانپورمهر پوليس روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي، هنن چيو ته پوليس گلاب بوزدار جي گهر ۾گهڙي اسان جي ٽن عورتن مسمات لطيفان زال گلاب بوزدار، مسمات شازيه زال خالد ۽ مسمات سعيدي زال سڌير بوزدار کي کڻي وئي، عورتن سان ٿاڻي تي ملڻ لاءِ ويل اسان جي نوجوان خالد بوزدار کي به لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ايس ايچ او خانپورمهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو عدالت جي حڪم تي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي، جوابدار هٿ نه آيو، عورتن کي گرفتار ناهي ڪيو، خالد بوزدار ڪجهه وقت اڳ پوليس سان منھن ماري ڪئي ۽ قتل ڪيس ۾ گھربل اربيلو بوزدار جو ڀائيٽيو آھي.