راڻيپور (ن پ ا) ابل واھ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن نوڪر شر، درياخان شاھاڻي، نادر وساڻ، اصغر سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ابل واھ جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پھچايو وڃي جنھن سبب ڳوٺ فتح علي شاھاڻي ڳوٺ جمال سولنگي ڳوٺ علي آباد وساڻ ڳوٺ سالاري سولنگي ڳوٺ محمد بچل شاھاڻي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي سوين جريب زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آھي.آبپاشي عملدار پاڻي جي بااثر مٿين پاسي جي زميندارن کي پاڻي جو وڪرو ڪري رھيا آھن جنھن سبب راڻيپور کان گڏيجي ٽيل تائين پاڻي کي مڪمل آبادرگارن لاءِ بند ڪيو ويو آھي، ابل واھ جي پچڙي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن فصل جي وقت سر پوکائي ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگھجي.