خانپور مهر ويجهو اغوا ڪيل ٻن ڀائرن سميت 3 مغوين تي تشدد جي وڊيو جاري

0
33

خانپور مهر ويجهو ڌاڙيلن 3 هفتا اڳ اغوا ڪيل ٻن ڀائرن سميت 3 مغوين تي تشدد جي وڊيو جاري ڪري ڇڏيو،

 وڊيو ۾ ڳوٺ ولو دڙي واسي مغوي جاويد گبول، خالد ۽ فرمان گبول پنهنجي آزاديءَ لاءِ وارثن ۽ پوليس کي مدد جون اپيلون ڪندي نظر اچي رهيا آهن

 ڌاڙيلن وارثن ڏانهن مغوين تي تشدد واري وڊيو اماڻي 50 لک روپيا ڀنگ گهري ورتو، وڊيو ۾ مغوين دانهون ڪندي چيو ته اسان مٿان ڌاڙيل تشدد ڪري رهيا آهن، اسان کي ڇڏرايو

ٻئي پاسي جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوي بهرام کوسو جي بازيابيءَ لاءِ کوسا برادري جي سڏ تي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو

مظاهرين باءِ پاس تي زيرو پوائنٽ وٽ شاميانا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل

 مظاهرين چيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ امن مان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ضلعي جا 11 شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن

 بهرام خان کوسو جي اغوا کي 25 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس ڪو به قدم نه کنيو آهي، سمورن مغوين جي فوري بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن تيز