اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي مڙهڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس
داخل نه ڪيو، اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ مٿان پابندي مڙهڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اٽارني جنرل خالد جاويد خان کي ريفرنس تيار ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون هيون، اٽارني جنرل ان حوالي سان پنهنجون تياريون شروع ڪري ڇڏيون پر تحريڪ لبيڪ وارن سان وفاقي حڪومت جون ڳالهيون شروع ٿيڻ کان پوءِ ريفرنس جي تياري وارو عمل رڪجي ويو، اٽارني جنرل کي هن وقت تائين ريفرنس تيار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل خالد جاويد خان وفاقي حڪومت جي هدايتن جي انتظار ۾ آهي پر لڳي ٿو تحريڪ لبيڪ وارن سان وفاقي حڪومت جون ڳالهيون هلڻ ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير ٿي سگهي ٿي.