حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ يوٿ اتحاد ٻھراڙي جي سڏ تي بدامني وڌڻ ۽ منشيات جي وڪري خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران امجد رند، وڪيل محب آزاد لغاري، دانيال سولنگي ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب ٻھراڙي توڙي شھر ۾ ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ بدران ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل آهي. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ واڻڪي وسي لنڪ روڊ تي ڦر دوران ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي پورهيت کي قتل ڪيو. ان واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي به پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بدامني جي باهه تي ضابطو آڻي مبينا طور منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.