حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هڪ ناري نوجوان پاران شادي نه ڪرڻ تي دلبرداشته ٿي واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. علائقي واسين ناري کي واهه مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽر سندس جان بچائي ورتي آهي. لائينڊ چئنل جي علائقي ۾ رهندڙ هڪ 19 سالن جي ناري ”ر گ“برادري جي هڪ نوجوان ”ج گ“ پاران ساڻس شادي کان انڪار تي دلبرداشته ٿي پڃاري واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پڃاري پوليس ناري کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس جان بچائي ورتي. ناري جي والد جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ جو دماغي توازن به درست نه آهي. پوليس موجب ناري پنهنجي گهر ۾ ٽڪيل نه هئي ۽ مائٽن ويل هئي جتان واپسي تي هن واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ناري کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.