حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جو ناميارو عالم علامه ڊاڪٽر ڪرم علي حيدري المشهدي جامع مدارس اماميه پاڪستان جو بنا مقابلي نائب صدر چونڊجي ويو آھي، مدارس اماميه پاڪستان جي بنا مقابلي چونڊيل نائب صدر علامه ڊاڪٽر ڪرم علي حيدري جو چوڻ آهي ته سندس قومي ۽ مذهبي خدمتون جاري رهنديون، ملڪ جي امن ترقي ڀلائي سميت ديني خدمتن ۾ هو ھميشه وانگر ڏينهن رات ڪوشان رهندو.