ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) حيدرآباد واسي ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما رائٽر عثمان ميمڻ کي ساھ ۽ معدي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪهاڻيڪار جي حالت خراب هجڻ باوجود ثقافت کاتي جي اختيارين سندس سار ناهي لڌي، عثمان ميڻ جو چوڻ آهي ته ڪيتري ئي عرصي کان بيمار آهيان، ثقافت کاتي ڪا مدد ناهي ڪئي.