حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ڀرسان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان جميل منگواڻي جي قتل ڪيس جو جوابدار مبينا طور فرار ٿي ويو، ڊي آءِ جي معاملي جو نوٽيس وٺندي هوسڙي ٿاڻي جي ايس ايچ او کي معطل ڪري انسپيڪٽر مان رينڪ گهٽائي سب انسپيڪٽر طور ريورٽ ڪري ڇڏيو، پوليس پوسٽ ٽنڊو فضل جو اي ايس آءِ برطرف، 2 اهلڪار گرفتار ڪيا ويا، واقعي جو ڪيس اي ايس آءِ سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو.قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار محمد حسين پٽ رحيم ڀرڳڙي ڊرامائي انداز ۾ فرار ٿي ويو، جنهن بعد هوسڙي ۽ پٻڻ ٿاڻي جي ٻن ايس ايچ اوز پاران هڪٻئي تي لاپرواهي جا الزام به هنيا ويا.ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او هوسڙي انسپيڪٽر طفيل احمد ڀٽو کي معطل ڪرڻ سان گڏ انسپيڪٽر مان رينڪ گهٽائي سب انسپيڪٽر طور ريورٽ ڪيو، جڏهن ته پوليس پوسٽ ٽنڊو فضل جي انچارج کي برطرف ڪري پوليس لائين حيدرآباد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف هوسڙي ٿاڻي تي جوابدار جي فرار ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس اي ايس آءِ ٽنڊو فضل سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس اهو ڪيس هوسڙي ٿاڻي تي مقرر سب انسپيڪٽر نواب الدين کوسو جي فرياد تي داخل ڪيو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته اي ايس آءِ اظهر علي راهپوٽو، سپاهين منور علي ۽ عرفان علي جي لاپرواهي ۽ بد نيتي جو مظاهرو ڪري پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي ۾ غفلت ڪئي جنهن ڪري جوابدار فرار ٿي ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي هوسڙي محمد ايوب پاٽولي تصديق ڪئي ته ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي اهلڪارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 7 جون تي پٻڻ پوليس پوسٽ ڀرسان ڳوٺ راڌڻ منگواڻو ۾ 23 سالن جي نوجوان جميل منگواڻو پٽ يار محمد منگواڻو کي ڪهاڙي جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو. فريادي الزام هنيو ته جوابدار محمد حسين ڀرڳڙي پنهنجي مڱيندي سان لاڳاپن جي الزام هيٺ ڀاءُ ۽ ساٿين سان ملي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.