حيدرآباد: بلديا ٿاڻي جي پوليس ۽ منشيات فروش آمهون سامهون

0
187
حيدرآباد: بلديا ٿاڻي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) بلديا ٿاڻي جي پوليس ۽ مبينا منشيات فروش هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا، غريب آباد واسي توصيف عرف ڪاڪا بلديا ٿاڻي جي ايس ايڇ او رئيس خانزادي تي کائنس زبردستي منشيات هلرائڻ جو الزام لڳايو آهي

توصيف ڪاڪا فيملي سان گڏ وڊيو بيان ۾ چوي ٿو ته مان منشيات وڪرو ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي پر ايس ايڇ او مبينا طور 2 لک هفتو طلب ڪندي منشيات هلرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ انڪار تي ڪوڙن ڪيسن ۾ روپوش ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته مون کي ذهني طور ٽارچر ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن ڪجه ٿئي يا مبينا آپگهات ڪيان ته ان جي ذميوار بلديا ٿاڻي جي پوليس هوندي

توصيف ڪاڪا خلاف مختلف ٿاڻن تي 15 ڪيس داخل ٿيل آهن، منشيات فروش خلاف رڳو بلديا ٿاڻي تي 13 ڪيس داخل ٿيل آهن جڏهن ته جوابدار مارڪيٽ ۽ سٽي ٿاڻن کي 2 ڪيسن ۾ گهربل آهي

پوليس چيو ته منشيات فروش کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن عورتن جو سهارو وٺي سوشل ميڊيا تي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

جيڪب آباد: ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدين ۽ اھلڪارن ۾ جھيڙو، 5 اهلڪار يرغمال