نيويارڪ (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جي مداح سان ڏند چڪ وارو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. حارث رئوف ۽ مداح وچ فوٽو جي ڪري ڏند چڪ ٿي، فاسٽ بالر پنهنجي گهرواريءَ سان گڏجي هوٽل طرف وڃي رهيو هو ته مداح کيس گٿا لفظ ڳالهايا. فاسٽ بالر ۽ مداح ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي، مداح جواب ۾ چيو ته هڪ تصوير لاءِ ئي ته چيو آهي، حارث رئوف مداح کي مارڻ لاءِ ڊوڙيو ۽ گهرواري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران فاسٽ بالر کي اتي موجود ٻيا ماڻهن روڪيندا رهيا. ياد رهي ته قومي جا رانديگر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انتهائي خراب ڪارڪردگي بعد ٽولين جي صورت ۾ ڏيهه روانا ٿيا آهن.