جيڪب آباد(رپورٽر)  ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه جي اڳواڻي ۾ مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيل نوجوان فرحان ڀيو ۽ صوبدار ملاڻو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد سميت شڪارپور جي جهان شاهه، گولو دڙو ۽  غلام شاهه جي علائقي ۾ بڪتربند گاڏين ۽ جديد مشينري سان سرچ آپريشن ڪيو ويو. پوليس آپريشن دوران سردارو معرفاڻي، ظريف معرفاڻي، عبدالرحمٰن معرفاڻي، نثار عرف ٽمني معرفاڻي، پيارو چانڊيو، ڪانگرو چانڊيو ۽ ڳوڌو چانڊيو جي گهرن ۽ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن پوليس پاران گڏيل آپريشن ۾ 30 کان مٿي شڪي ماڻھو گرفتار ڪيا ويا جن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه ٻڌايو ته مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ فرحان ڀيو ۽ صوبدار ملاڻو کي قتل ڪيو ويو هو جنهن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏوهارين جي ڳوٺن تي سرچ آپريشن ڪيو ويو آپريشن دوران 30 کان مٿي شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڏوهارين جا ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا هن چيو ته مقتولن جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو جوابدارن جي گرفتاري تائين سرچ آپريشن جو عمل جاري رهندو