جهول: سيڪريٽري فوڊ سميت 8 ڄڻن کي توهين عدالت نوٽيس، طلب

0
272
مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل
مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل

جھول (ن پ ا) جھول ۽ کڏڙو جي فوڊ گدامن مان هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪڻڪ کڻائيندڙ سيڪريٽري فوڊ سميت 8 ڄڻن خلاف توهين عدالت جو نوٽيس ڪيو ويو آهي، جنهن سلسلي ۾ عملدارن کي 5 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي

جھول ۽ کڏڙو فوڊ گودام جي اڳوڻي انچارج محمد بخش ملاح سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدر آباد ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته مهنجي غير موجودگيءَ ۾ ٻنهي گودامن مان سيڪريٽري فوڊ راجا خرم شهزاد هڪ ڪميٽي ٺاهي ڪڻڪ کڻائي رهيو آهي

هن چيو ته  مون کي خدشو آهي ته ڪڻڪ جي کوٽ  ڏيکاري منهنجي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن تي هاءِڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآبا  ۽ ان ڪميٽي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان باوجود به ڪميٽي پهنجي نگراني ۾ ڪڻڪ کڻائي جهن تي ڪورٽ سڳوري کين توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي سيڪريٽري فوڊ ڊائريڪٽر، فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ حسن علي مگسي، خادم مگسي،  فوڊ انسپيڪٽر علي گل مگسي ۽ ٺيڪيدار جوتي رام کي 5 اپريل تي طلب ڪري ورتو