ڪراچي (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ڀرسان وحشت جي انتها، 6 مهينا اڳ گهٽي جي لنگهه تان شروع ٿيل تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين جا هڪٻئي تي حملا، ٿڃ پياڪ ٻالڪ سميت 8 ڄڻا قتل، لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس تماشائي بڻيل. خبر موجب 6 مهينا اڳ ڪٽوھر ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهٽي جي خسيس معاملي تان شروع ٿيل تڪرار دوران هٿياربندن پنھون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪالو خان ڪٽوھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 55 ورھين جو محمد بچل ڪٽوھر، سندس پٽ غلام سرور ڪٽوھر، نهن مسمات شھزادي، 3 معصوم پوٽا 5 ورھين جو شاھزيب، 3 ورھين جو راجا خان ۽ هڪ سال جو عبدالجبار مارجي ويا، ان واقعي بعد ھٿياربندن پلاند ۾ شھدادڪوٽ ويجهو سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور نبي جلباڻي تي حملو ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ پيرسن محمد بخش جلباڻي ۽ لاڙڪاڻي واسي مهمان نوجوان ممتاز جلباڻي ٿڏي تي دم ڏنو، ھٿياربندن گھرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن دوران مقتول پيرسن محمد بخش جو لاش سڙي ڪوئلو ٿي ويو، مقتولن جا لاش 4 ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رھيا، بعد ۾ شھدادڪوٽ ۽ ڳڙهي خيرو جي پوليس پهچي ڪٽوھر برادري جي ٽن معصوم ٻارڙن سميت پنجن ڄڻن جا لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب عورت جو لاش جيڪب آباد سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. هوڏانهن جلباڻي برادري جي ٻن ڄڻن جا لاش شھدادڪوٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته زخمي ٿيل عورت مسمات عزيزان خاتون کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقتولن جا لاش پوليس پھري ھيٺ سندن ڳوٺن ۾ آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو، بعد ۾ جنازي نماز بعد پنھنجي اباڻي قبرستانن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين ٻنهي واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.