شهدادڪوٽ/سجاول جوڻيجو: رستي جي معمولي ڳالهه تان شروع ٿيل جھيڙو رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪٽوھر ڌر جا 8 ماڻهو، جلباڻي ڌر جا 6 ۽ عمراڻي ڌر جو ھڪ ۽ ھڪ واٽھڙو ڌنار سميت ڪل 16 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٽن ضلعن جي پوليس خونريزي کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه وٺي سگهي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 6 مهينا اڳ رستي ويندي ڳوٺ يعقوب جلباڻي ڀرسان پنهل ڪٽوھر ۽ معشوق عمراڻي قتل ٿيا هئا، جنهن الزام جلباڻي ڌر تي لڳو ھو.