جنس جي تبديلي ۽ ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪڌو ڪاروبار

0
194
ڪنور جي ڪسڻ تي سڀ کان وڌيڪ سورهيه بادشاهه سوڳوار ٿيو هو!

زندان دلان جي شهر لاهور جي دن تي شاهدره چوڪ جي هڪ چوراهي ۽ ٽيڪسٽائل جي ٽاڻن ۽ ارٽ ذريعي ان ڪتڻ جي آڏاڻن سان ٽمٽار شهر لائل پور ۽ هاڻوڪي فيصل آباد جي ڪچهري روڊ اڳيان اڏيل ڪوڪب پلازه جي ڪڇ  ۾ اڏيل ڪلينڪس تي جنس مٽائڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا جن ۾ مردن مان مائي ۽ ناري مان نر بڻائڻ جا آپريشن ڪيا وڃن ٿا. اهڙي آپريشن ذريعي نورين مان نور محمد ٿيل چڪ ڍوڍي جي کان ماجرا معلوم ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته هو پاڻ ۾ پنج ڀينرون هيون کين ڀاءُ نه هئڻ ڪري گھر ۾ والدين کيس مرداني لباس پائڻ جي موڪل ڏئي آرٽيفيشل انداز ۾ مرد قرار ڏئي کيس ڀينرن جو ڀاءُ ۽ پٽ جو درجو ڏنو. جنهن سبب سندس ذهن ۾ مرد ٿيڻ جو جذبو جاڳيو. سندس چئني ڀينرن جون شاديون ٿي ويون ۽ سندس نورين هئڻ دوران مڱڻو ڪيو ويو جنهن کان هن منحرف ٿي مائٽن کي پرڻي کان جواب ڏئي سموري عمر ڪنواري رهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ڳالهه مائٽن ۽ ڀينرن کي مڇرائي وڌو ته سموري حياتي هڪ نوجوان نينگري کي ڪنوارو ويهارڻ ڪيئن ممڪن ۽ مناسب آهي ۽ اهي سڀئي کيس پرڻجڻ جا پاپرا ڪرڻ لڳا.

ان دوران مان ڪاميٽين ذريعي رقم ڪليڪٽ ڪري وڃي ڪوڪب پلازه واري ڪلينڪ ۾ آپريشن ڪرائي جنس تبديل ڪرائي نورين مان نور محمد ٿي گھر پهتس ته گھر وارا يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ڇو ته هو کيس پرڻي لاءِ زور ڀري رهيا هئا، ليڪن کين يقين ڏيارڻ بعد سندن خوشي جي انتها ٿي وئي ۽ وڏو ڪاڄ ڪري منهنجي مرد هجڻ جو قصو عام ڪيو ويو پر پوءِ به ڪيترائي ماڻهو اعتبار ڪرڻ لاءِ آماده نه هئا بلڪه منهنجي مڱيندي ته مون کي مارڻ جي ڌمڪي ڏئي منهنجي خلاف مهم جي شروعات ڪئي. هاڻ شادي متعلق سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سندس ٽن جاين تي رشتو طئي ٿي ٽٽي چڪو آهي ۽ جڏهن رشتي وارن تي سندس عورت مان مرد ٿيڻ واري حقيقت واضح ٿئي ٿي ته هو رشتو ٽوڙي وڃن ٿا. جنس تبديل ڪرڻ تي آيل لاڳت بابت هن ٻڌايو ته سندس 8 کان 10 لک خرچ آيو آهي. اهڙيءَ طرح  نر مان  ناري ٿيل 25 ورهين جي پروين  جيڪا اڳ ۾ پرويز علي هئي تنهن به اهڙي ڪلينڪ شاهدره چوڪ مان جنس تبديل ڪرائڻ بعد ازدواجي زندگيءَ ۾ داخل ٿي وهانءُ به رچايو آهي پر گذريل ٽن ورهين کان وٺي ري اولاد آهي ۽ کيس نسواني مرض سبب حمل نه ٿي سگھيو آهي. پر پوءِ به سندس چوڻ موجب ازدواجي زندگي پرسڪون گذري رهي آهي.

تازو سينيٽ ۾ گھرو کاتي پاران پيش ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 3 سالن دوران پاڪستان ۾ 28 هزار 723 ڄڻن جنس تبديل ڪرائي. لکت واري جواب موجب 16 هزار 523 مرد پنهنجي جنس تبديل ڪرائي عورت بڻيا، جڏهن ته 12 هزار 154 عورتن جنس تبديل ڪرائي مرد بڻجڻ کي اوليت ڏني آهي. 9 مردن پاڻ کي ٽين جنس ۾ تبديل ڪرايو، جڏهن ته 21 ڄڻا جيڪي ٽين جنس هئا اهي طبي طريقيڪار وسيلي مرد بڻيا آهن. هڪ ٻي رپورٽ موجب پوري ملڪ ۾رجسٽرڊ کدڙن يا ٽين جنس جو تعداد 10400آهي جن مان سنڌ ۾ 2527، پنجاب ۾ 6709، ڪي پي ۾ 913 ۽ بلوچستان 109، اسلام آباد 133 ۽ فاٽا ۾ 27 کدڙا فقير رجسٽرڊ آهن. هنن کدڙن فقيرن مان 2000 جنس مٽائي ٽين جنس ٿيا آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته هم جنس پرستيءَ جو شڪار ٿيل مرد کدڙن سان جنسي تعلق رکن ٿا بلڪه اڻ اعلانيه ساڻن شادي به رچائين ٿا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ هم جنس پرستي تي پابندي هجڻ ۽ باضابطه شادي جي اجازت ۽ مڪينزم نه هئڻ ڪري اهڙو عمل ورجايو وڃي ٿو.

ان سلسلي ۾ هڪ ماهر اها حقيقت به ٻڌائي ته جنس تبديل ڪرائيندڙ مردن ۽ عورتن جو تعداد ملڪ ۾ لکن ۾ آهي ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي وڏين شهرن ۾ عالمي ڊونر ايجنسين ۽ ادارن جي مد سان وڏي رٿابنديءَ سان جنس مٽرائڻ جا آپريشن ۽ علاج ٿي رهيا آهن ۽ هم جنس پرستيءَ ڪيترن ئي مغربي ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ قانوني طور تي جائز قرار ڏيڻ سبب اسلامي معاشري ۾ بي راهه روي ۽ عرياني ذريعي انهدام پيدا ڪرڻ لاءِ مغربي ادارا مهم جوئي ڪري ۽ مالي سهائتا ڏئي هن هاڃيڪار مرض کي عام ڪرڻ ۾ رڌل آهن. مغربي معاشرو فحاشي ۽ بي راهه روي جو شڪار ٿيڻ ڪري بنيادي انساني حقن جو راڳ آلاپي آزاد خيالي کي هوا ڏيڻ لاءِ نت نوان قانون ۽ قائده جوڙي ترجيحون ۽ تاويلون بيان ڪري مجموعي طور تي مروج سماجي طور طريقن کي تحس نحس ۽ تهه و بالا ڪري ڇڙواڳي ۽ ڇيڪ ڇڏڻ جا رواج متعارف ڪرائي مهذب اقدار مٽائڻ شروع ڪيا آهن ۽ مجال آهي جو ان مجرماڻي عمل ۾ ڪنهن مذهب، دين، ڌرم ۽ ڌرمشالا جي دستور کي ڪو عمل دخل ڏيڻ جو اختيار هجي.

 هم جنس پرستي حقيقت ۾ هاڃيڪار ۽ هولناڪ نموني زندگي گذارڻ جو بي سمت رخ آهي جيڪو تمام وڏي تباهيءَ جو سبب ۽ قدرتي رشتن کان روگرداني يا انڪار ڪرڻ جي مترادف آهي جنهن جو ڪو به معاشرو متحمل نٿو ٿي سگهي. اهو زندگي گذارڻ جو انوکو، اڻوڻندڙ ۽ ابتو اصول اهڙي ته تباهي ۽ بربادي جو پيش خيمو ثابت ٿي سگھي ٿو جنهن جو تصوير به نٿو ڪري سگھجي. مغرب وارا ابلاغ عامه ۽ سوشل ميڊيا ذريعي هن خطرناڪ مرض جي تشهير ۽ ترغيب سان گڏوگڏ هن موذي مرض کي وڌائڻ ۽ وسيع ڪرائڻ لاءِ اڄ جي مشيني دور ۾ آرٽيفيشل انساني اعضا تي مشتمل اوزار جھڙو جنسي رانديڪا جن ۾ بيبي ڊالز، ۽ ٻيا پرائيويٽ پارٽس جي پراڊڪٽ اسٽورز تي عام جام مهيا ڪري نئين نسل کي ان جي استعمال ڏانهن راغب ڪري کين ڌٻڻ ۾ ڌڪي رهيا آهن. هم جنس پرستيءَ جو تازو واقعو سکر ۾ رپورٽ ٿيو آهي جنهن ۾ چار نوجوان ڇوڪرن هڪ “گي ڪلب” جي ميمبر شپ اختيار ڪري پاڻ ۾ هم جنس پرستيءَ جو پيڪٽ ڪري هڪ هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي پاڻ ۾ هم جنسيءَ جو فعل ڪيو ته ان دوران هڪ ڇوڪري جو سندس هٿان قتل ٿي ويو، هن واقعي بابت اها به ڄاڻ سامهون آئي ته اهڙي قسم جي ڇوڪرن جي “گي ڪلب” کي عالمي نيٽ ورڪ وسيلي هلايو پئي ويو جنهن جا لکين ميمبر آهن ۽ فقط پاڪستان ۾ 14000 هزار ميمبر چيا پيا وڃن ۽ ساڳي نموني ڇوڪرين جي هم جنس ڪلب ۾ به هزارين عورتون ميمبر پڻ چيون پيون وڃن.

ان سلسلي ۾ تازو پنجاب جي ضلعي قصور ۾ هڪ واقعو هاءِ لائيٽ ٿيو آهي ۽ ميڊيا جي پڻ زينت بڻيو آهي، جنهن ۾ قصور جي رهواسڻ ناري (ع ا ش) ۽ ساڳئي علائقي جي رهواسڻ ناري (ڪ) پاڻ ۾ شادي ڪري لاڙڪاڻي جي لاهور پاڙي ۾ هڪ ناري  جي ڀيڻ جي گھر رهائش اختيار ڪئي هئي، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ناري (ع ا ش) جي ماءُ (آ)  پنهنجي وڪيل جي معرفت پٽيشن داخل ڪرائي ته منهنجي نياڻي ۽(ڪ) پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي، جيڪو عمل قائدي ۽ قانون جي خلاف آهي. اهڙي پٽيشن تي عدالت پوليس کي ٻنهي نارين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد سول لائين ٿاڻي لاڙڪاڻو جي پوليس ٻنهي نارين کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي ٻنهي نارين آزاد زندگي گذارڻ ۽ پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو بيان ڏنو ۽ وارثن ڏي وڃڻ کان انڪار ڪيو ته عدالت کين آزاد زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالتي ڪمري کان ٻاهر اچڻ تي ناري (ع ا ش )جي ماءُ سندس نياڻي جي پيرن تي ڪري پئي ۽ سندس والد به ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناري والدين سان ڳالهائڻ کان انڪا ڪري سهيلي سان گڏ رواني ٿي وئي.