جنسي هراسمينٽ الزامن هيٺ آيل چيئرمين انٽر بورڊ ڪراچي نسيم ميمڻ جي ٻيهر بحاليءَ وارو نوٽيفڪيشن معطل

0
22

سنڌ هاءِ ڪورٽ جنسي هراسمينٽ جي الزامن هيٺ آيل چيئرمين انٽر بورڊ ڪراچي نسيم ميمڻ جي ٻيهر بحاليءَ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين نسيم ميمڻ کي ڪو به عهدو نه ڏيڻ جو حڪم

 درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته صوبائي محتسب اعليٰ جنسي هراسمينٽ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نسيم ميمڻ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو

 يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي نسيم ميمڻ کي معطل ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾ 12 ڊسمبر 2023 تي معطلي جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو

عدالت سنڌ حڪومت، چيئرمين انٽر بورڊ نسيم ميمڻ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هراسمينٽ ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي عملدرآمد معطل