اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني وفاقي حڪومت تي آئين جي ڀڃڪڙي جو الزام هنيو آهي. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته آئين چئي ٿو تيل ۽ گئس صوبن ۽ وفاق جي گڏيل ملڪيت آهن، صوبن کي انهن بلاڪس ۾ گڏيل مالڪ نه بڻائي وفاقي حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي نمائندگي بنا تيل ۽ گئس جي ڳولا جا 6 بلاڪ ڪمپنين کي ڏنا، اهي 6 بلاڪ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي نمائندگي بنا ڏنا ويا، صوبائي حڪومتن جي نمائندگي بنا بلاڪ ڏيڻ جو وفاقي حڪومت جو قدم مذمت جوڳو آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت سينيٽ چيئرمين جي رولنگ باوجود صوبن کي شريڪ مالڪ نه بڻائي رهي آهي، وفاقي حڪومت اين ايف سي تي عمل نه ڪري صوبن کي انهن جي حقن کان محروم ڪري رهي آهي، ايندڙ بجيٽ هڪ اهڙي اين ايف سي ايوارڊ تحت ڏني وڃي، جيڪو 11 سال پراڻو آهي.