اسلام آباد: اپوزيشن جا اڳواڻ جنهن وقت بي  اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ لاءِ اسپيڪر جي آفيس پهتا ته ان کان ڪجهه منٽ پهريان اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي آفيس هليو ويو، جتي هن سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي، نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي غيرموجودگي جي ڪري اپوزيشن اڳواڻن  قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهچي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي. قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ جمع ڪرايل ريڪوزيشن بابت پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته ،قومي اسيمبلي جي 140 ميمبرن جي صحيحن سان اجلاس گهرائڻ جي ريڪوزيشن جمع ڪرائي آهي. هاڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ذميواري آهي ته هُو ٽن ڏينهن اندر اجلاس گهرائي ميمبرن جي راءِ وٺي ۽ بحث جي شروعات ڪري.