”بينظير وارو نھ ھي احساس پروگرام آھي“ عورت جي شڪايت تي وزيراعظم جو جواب

0
399

اسلام آباد: خواتين جي لاءِ احساس سيونگ والٽس ۽ بينڪ اڪائونٽ پروگرام جي تقريب ۾ ھڪ عورت وزيراعظم عمران خان سان ”بينظير ڪارڊ“ ۾ پئسھ نھ ھئڻ جي شڪايت ڪري ڇڏي. احساس سيونگ والٽس ۽ بينڪ اڪائونٽ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کان ھڪ عورت شڪايت ڪئي تھ انھيءَ وٽ بينظير ڪارڊ آھي ۽ پئسھ نھ مليا آھن. انھيءَ تي وزيراعطم عمران خان کلندي جواب ڏنو تھ ”ھي بينظير نھ اھو احساس پروگرام آھي“ ھي نئون آھي. انھيءَ دوران ڊاڪٽر ثانيھ نشتر جواب ڏيندي چيو تھ بينظير پروگرام بند ٿي ويو آھي، انھيءَ ڪري اوھان کي ٻئي ۾ شامل ڪيو ويوآھي.