ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي بلوچ شاگردن فوزيه، سميرا، شازيه ۽ حسن ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته بلوچ شاگردن کي جبري گم ڪرڻ جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ جاري آهي، سي ٽي ڊي طرفان بلوچ شاگردن کي کنڀي ڪوڙن مقابلن ۾ ماريو پيو وڃي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته ڪنهن کي به جبري گم نه ڪيو وڃي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جبري گم ڪرڻ پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي، هنن چيو ته جبري گم ٿيل شاگردن آزادي وقت ذهني صلاحيتون وڃائي ويهندا آهن،  ڪجهه وري خودڪشيون ڪري ڇڏيندا آهن اهو شاگردن سان ظلم آهي ھنن مطالبو ڪيو ته  جبري گم ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي.