بلوچستان جي 16 سيٽن مان انوکو لاڏلو رڳو 3 سيٽون کڻي سگهندو: شيخ رشيد

0
161
بلوچستان جي 16 سيٽن مان انوکو لاڏلو رڳو 3 سيٽون کڻي سگهندو: شيخ رشيد
بلوچستان جي 16 سيٽن مان انوکو لاڏلو رڳو 3 سيٽون کڻي سگهندو: شيخ رشيد

اسلام آباد: شيخ رشيد چيو آهي ته بلوچستان جي 16 سيٽن مان انوکو لاڏلو رڳو 3 سيٽون کڻي سگهندو، 3 سيٽون مولانا فضل الرحمان کي ملنديون، آصف زرداري پنهنجا ڪارڊ سيني سان لڳائي کيڏندو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مان ڪنهن جي به خلاف ڪو بيان نه ڏنو آهي

هن چيو ته مان انوکي لاڏلي سان به گڏ رهيو آهيان، انوکي لاڏلي کي چوڻ چاهيان ٿو ته فيصلو آسمانن تي ٿيندو آهي، منهنجي مٿان 80 ڪيس داخل ٿيل آهن

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ شيخ رشيد جي موچڪو ۽ لسٻيلا ۾ داخل ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي

عدالت پاران ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

 عدالت لسٻيلا ڪيس ۾ فريادي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا