بلاول ۽ مريم اٻوجهه آهن، ملڪ هنن حوالي نٿو ڪري سگهجي: فواد چوڌري

0
234
بلاول ۽ مريم اٻوجهه آهن، ملڪ هنن حوالي نٿو ڪري سگهجي: فواد چوڌري
بلاول ۽ مريم اٻوجهه آهن، ملڪ هنن حوالي نٿو ڪري سگهجي: فواد چوڌري

ڪراچي (م ڊ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هي ملڪ عظيم آهي، هن ملڪ جي قيادت لاءِ بلاول ۽ مريم نواز ٻئي اٻوجهه آهن، ان ڪري هي ملڪ هنن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي

جهلم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته بلوچستان ۾ تخريبڪاري جي ڪاررواين پٺيان سازش آهي، ڪنهن به قسم جي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي

هن چيو ته اسان کي جڏهن ملڪي معيشت ملي تباهه ٿيل هئي، پر اسان تباهه ٿيل معيشت کي سهارو ڏنو ۽ مضبوط پاڪستان جو بنياد رکيو، اڄ پاڪستان ۾ 929 وڏيون ڪمپنيون آهن

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته مخالف ڌر کي سينيٽ ۾ به شڪست آئي، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي وڏي اڪثريت هئي اتي به هنن کي شڪست ملي،  اپوزيشن وٽ ڪا به پاليسي ناهي، هي ايوان ۾ ڪجهه ۽ ٻاهر ڪجهه چوندا آهن،  اسان جو ڪوئي سياسي مخالف ناهي، اسان پنهنجي ووٽرن جا جوابده آهيون،  ان ڪري پي ٽي آءِ جا ووٽر اسان جي پاليسي ڊڪٽيٽ ڪندا

فواد چوڌري چيو ته هي ملڪ بلاول ۽ مريم جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري بلاول ميئر جو الڪيشن وڙهي، ٻنهي کي گهرجي ته هيٺ کان مٿي تائين سفر شروع ڪرڻ گهرجي، بلاول ۽ مريم پاڻ کي قومي ليڊر سڏائڻ لاءِ وڏا ناهن، انهن جو دارومدار مولانا فضل الرحمان جي مدرسي جي ٻارن تي آهي

هن چيو ته راوي ريور روڊ هائوسنگ سوسائٽي نه پر سڄو شهر آهي ۽ شهري آبادي بابت فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي، عدليه پاليسي فيصلا سازي ۾ ته نٿي اچي سگهي ۽ جڏهن ته عدليه پاليسي سازي ۾ مداخلت ڪئي ته ملڪ کي نقصان پهتو آهي، ان ڪري جيترو ماضي جي غلطين مان سکي اڳتي هلنداسين اوترو ئي اسان کي فائدو ٿيندو

هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته احتساب جي عمل کان پوئتي هٽي نٿا سگهون، اسان جا ووٽر اسان کي ائين ڪرڻ نه ڏيندا