اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ  قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب بلاول چيو ته يوسف رضا گيلاني جي جمهوريت لاءِ خدمت جمهوريت پسندن لاءِ روشن مثال آهي، پ پ اها اڪيلي پارٽي آهي جنهن جا نمائندا پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندا آهن. هن چيو ته گيلاني هميشه جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ عوام جي خمدت جي ڏوهه ۾ قيد به ڪاٽيو. هن سينيٽ چيئرمين جي اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل تي تعصباڻي ڪردار تي افسوس جو اظهار به ڪيو ۽ چيو ته سينيٽ جي چيئرمين حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري بل منظور ڪرايو.