بغداد (م ڊ) عراقي تخت گاهه بغداد جي هڪ اسپتال جي انتهائي نگهداشت يونٽ ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 82 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ابن الخطيب نالي اسپتال ۾ باهه اتي اسٽور ڪيل آڪسيجن جي سلينڊرز ڦاٽڻ سبب لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي اسپتالن جي ٻين حصن کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز ۽ طبي اختيارين موجب باهه لڳڻ جي واقعي ۾ 110 زخمي پڻ ٿيا، شروعاتي جاچ موجب باهه لڳڻ جو سبب غفلت ۽ لاپرواهي آهي. ٻئي طرف عراقي وزيراعظم صحت جي وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جاچ جو به حڪم ڏنو آهي.