ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي پوليس گذريل رات داخل ڪيل بغاوت ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 7 ڄڻن کي رمانڊ لاءِ ڄامشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪيس جو جاچ آفيسر ۽ ايس ايچ او عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي جج ڪاوڙ جو ظهار ڪندي پيش ٿيل اي ايس آءِ کان ڪيس ۾ ڄاڻايل بينر ۽ پلي ڪارڊ ڏيکارڻ جو چيو، جيڪي پيش نه ڪرڻ تي جج سمورن گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڪوٽڙي ٿاڻي تي 24 ماڻهن تي داخل ڪيل بغاوت ڪيس ۾ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ايڊيشنل جڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج اياز احمد قريشي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هئو، عدالت ۾ پيش ڪيل ڪارڪنن ۾ علي بخش ڪابورو، خالق پنهور، سرور ابڙو، اطهر ڪوريجو، اسلم چانڊيو، جبران سومرو ۽ ٻيا شامل هئا، داخل ڪيل ڪيس ۾ 6 ڄڻا نامزد ڪري 18 ڄڻن کي نامعلوم طور نامزد ڪيو ويو هئو، ڪوٽڙي جي فهيم انڙ، علي رضا ميمڻ، آڪاش رند، منصور ابڙو ۽ ٻين وڪيلن ڪيس جي مفت ۾ پيروي ڪئي.