ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته بحريا ٽائون مامري ۾ وزير اعليٰ مراد علي شاهه پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي ته احتجاج ڪندڙ پرامن هئا، سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن الزام هنيو ته پيپلزپارٽي پنهنجا ماڻهو موڪلي نقصان ڪرايو آهي، هاڻي چونڊي چونڊي مخالفن کي ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، سموريون وڊيوز موجود آهن، اصل ملوث ماڻهن کي سامهون آندو وڃي، اياز لطيف پليجو ڌرڻي ۾ موجود ئي نه هو پر مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، بحريا ٽائون واقعي ۾ وزير اعليٰ سميت ڪابينا ميمبرن کي نامزد ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هڪ ڪلاڪ ڊگهي پريس ڪانفرنس ۾ وفاق کي رڳو مهڻا ڏنا، جڏهن ته وفاق جي اجلاسن ۾ وڏو وزير خاموش هوندو آهي، هن چيو ته ايس آءِ ڊي سي ايل اسان نه پر اڳوڻي وزير اعليٰ قائم علي شاهه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان گڏجي کولي هئي، حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ م ڪو ترقياتي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته سنڌ حڪومت پاران اين او سي نه ٿي ڏني وڃي، سنڌ حڪومت جو منشور رڳو مال کپي وارو آهي، پيپلزپارٽي هميشه سنڌ ڪارڊ کيڏي عوام کي گمراهه ڪري ٿي،