بدين(رپورٽر ) بدين لڳ وهڻائي ويجهو ڳوٺ حاجي نور محمد عمراڻي ۾ مبينا قتل ٿيندڙ نوجوان غلام الله عمراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مقتول جي  والد الياس عمراڻي ۽ مقتول جي ڀائرن سومار عمراڻي ۽ عطاءِ الله  عمراڻي چيو ته 22 ڏينهن اڳ مبھنجي نوجوان پٽ کي نور حسن عمراڻي سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو ڪيس تلهار ٿاڻي تي داخل ڪرڻ باوجود تلهار پوليس قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي هنن چيو ته قاتل کي پوليس ۽ ڪجھه بااثر ماڻهن بچائڻ لاءِ سرگرم آهن، مقتول نوجوان جي وارثن آءِ  جي سنڌ، حيدرآباد ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار نورحسن عمراڻي کي فوري گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.