ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري پنج ڏينهن اڳ باڊھ ٿاڻي ۾ ايچ او جي پٽ پاران شاگردن مٿان تشدد ڪرڻ وارو معاملو، پوليس پارٽي پاران شاگردن جي وارثن وٽ ميڙ وٺي اچڻ تي وارثن کيس پوليس کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. باڊھ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او رحمت الله سولنگي جي پٽ راجا نويد سولنگي گذريل 5 ڏينهن اڳ ٻن شاگردن ڀائرن ياسر پٺاڻ ۽ مزمل پٺاڻ کي رات جي وقت بغير ڪنهن ڪيس داخل هئڻ جي زبردستي پڪڙي ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري مبينا تشدد ڪيو هو، جنهن جو پڻ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هو. باڊھ ٿاڻي ۾ شاگردن مٿان مبينا تشدد واري وقعي جو ڊي آئي جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو هو جنهن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو باڊھ ٿاڻي تي پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا هئا ۽ ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو هو. انڪوائري بعد شاگردن تي تشدد ڪندڙ الزام هيٺ آيل چئن پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ سيد اسد الله شاھ، هيڊ ڪانسٽيبل نديم ميمڻ، ڪانسٽيبل صدام انڙ ۽ ڪانسٽيبل علي انڙ خلاف 2 ڏينھن اڳ باڊھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ۽ ايس ايچ او باڊھ رحمت الله سولنگي کي هٽايو ويو هو. هوڏانهن شاگردن جي والد نصرت پٺاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ منهنجي ٻن پٽن ياسر پٺاڻ ۽ مزمل پٺاڻ کي باڊھ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او رحمت الله سولنگي جو پٽ راجا نويد سولنگي زبردستي لاڪپ ڪري ٿاڻي اندر تشدد ڪيو هو، جنهن خلاف ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي واقعي جي انڪوائري ڪري انصاف جي گهر ڪئي هئي، جنهن بعد ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو، انڪوائري بعد واقعي ۾ ملوث چئن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪالهه ڊي ايس پي ڏوڪري جي اڳواڻي ۾ باڊھ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايچ او رحمت الله سولنگي پنهنجي پٽ جي غلطي تسليم ڪئي آهي ۽ ڏوڪري بار ۾ ميڙ وٺي آيو آهي، جڏهن ته ميڙ کي مان ڏيندي ايس ايچ او سميت واقعي ۾ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.