باهه متاثرن جو راشن هڙپ ڪرڻ جو انجام، 14 پوليس اهلڪارن جي نوڪري چٽ

0
326
اهلڪارن جي نوڪري چٽ
باهه متاثرن جو راشن هڙپ ڪرڻ جو انجام، 14 پوليس اهلڪارن جي نوڪري چٽ

دادو/ميهڙ(نمائندن وٽان) ايس ايس پي دادو باهه متاثرن جو راشن هڙپ ڪرڻ جي الزام ۾ 14 پوليس اهلڪارن  جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون آهي

باهه متاثرن جو راشن کڻڻ بابت ٽائيم نيوز تي خبرون هلڻ ۽ ويڊيو نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي دادو  عرفان سمون  نوٽيس وٺندي ڪملينٽ سيل جي انچارج انسپيڪٽر نظير احمد جي اڳواڻي ۾ جانچ  ڪاميٽي جوڙي هئي

پوليس موجب پوليس اهلڪارن تي راشن کڻڻ جي ثابتي ملي آهي

برطرف  ٿيل اهلڪارن ۾  پوليس لائين جو  اي ايس آءِ محمد اسمائيل سومرو،  ماڏو ٿاڻي جو اي ايس آءِ شاهنواز لاکير، ڊي پي سي فريدآباد  علي گوهر،  شفيع محمد، وحيد، ڪفيل، پرويز، محمد حسين ڪاشف جتوئي ۽ اسد لاشاري شامل آهن