بالي ووڊ جي سينيئر اداڪاره سريکا سکري 75ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

0
296

ممبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪاره سريکا سکري 75ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪاره جي مئنيجر ٻڌايو ته سريکا سکري دل جي دوري سبب فوت ٿي وئي، هوءَ ڪيتري ئي عرصي کان دل جي عارضي ۾ مبتلا هئي، 2020ع ۾ کيس دماغي فالج جو به منهن ڏسڻو پيو هو.