بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ مايوس ٿي آپگهات جي ڪوشش به ڪئي: فاطمه ڦرڙو جا والدين

0
99

راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي والدين پاران ڌمڪيون ملڻ جون دانهون

 خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاطمه جي امڙ شبنم ۽ پيءُ نديم چيو ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ۽ لالچون ڏئي رهيا آهن

 فاطمه جي والدين انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن جو هڪ مائٽ وٽن آيو هو ۽ پريشان ڪرڻ تي هنن مايوسي وچان آپگهات جي ڪوشش به ڪئي، فاطمه جي امڙ ۽ والد چيو ته جوابدارن سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين

 فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي 13 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي

هي به پڙهندا

جوابدارن سان ٺاهه بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهه بي بنياد آهن: فاطمه ڦرڙو جا والدين