اڏيرو لال (ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ سليمان فقير باريجو ۾ سڱاوتي تڪرار کان پوءِ ٻن قتلن واري معاملي جو ڪيس ٽن جوابدارن الهه جڙيو باريجو، سائين بخش باريجو ۽ ڪارو باريجو تي داخل ڪري هڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي واري حد جي ڳوٺ فقير سليمان باريجو ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀيڻ ڀاءُ ارباب ۽ حرمت باريجو جي قتل واري واقعي جو مقتولن جي ڀاءُ گلشير باريجو جي فرياد تي ٽن جوابدارن الهه جڙيو باريجو، سائين بخش باريجو ۽ ڪارو باريجو تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڏيرولال اسٽيشن پوليس ٽن جوابدارن مان هڪ جوابدار الهه جڙيو عرف جاڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ايف آئي آر ۾ نامزد سائين بخش باريجو ۽ ڪارو باريجو اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.اوڏيرولال اسٽيشن پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته مقتولن جي ڀاءُ جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار الهجڙيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ باقي ٻن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.