قاضي احمد (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل قاضي احمد واسي نوجوان راشد علي سيال ھڪ مھينو گذرڻ باوجود بازياب ٿي ناھي سگھيو آهي، ان حوالي سان نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، ڌاڙيل فون ڪري 20 لک ڀنگ گهري رهيا آهن، هنن چيو ته اسان غريب آهيون، ڀنگ ادا نه ڪري سگهنداسين، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف سجاڳ سنڌي اتحاد جي اڳواڻ ڪامران علي چانڊيو پاران 7 جولاءِ تي مغوي راشد جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.