ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندي: خالد مقبول صديقي

0
262

ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينا

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ ۽ ٻاهر ويهڻ ۽ وسيع بنياد تي حڪومت جي حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته سندس پارٽي اتحادي حڪومت جي ساٿي اڳواڻن سان حڪومت ٺاهڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي

هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين حصن جي ڀلائي لاءِ اتحادين پاران ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿي

خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فيصلي بابت وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

نئين ڪابينا جِي جوڙ جڪ لاءِ شهباز شريف جِي اتحادين سان مشاورت