ايران ۾ پاڪستاني پورهيتن جو قتل ۽ ‘ٽائمنگ’

0
56
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جي پاڪستاني سرحدن اندر حملي ۽ پاڪستان طرفان ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملي سان ٻنهي ملڪن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ وڌي هئي، ان ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ئي مس ٿيا آهن ته ٻنهي برادر اسلامي ۽ پاڙيسري ملڪن جي سرچاءُ خلاف  سازش ڪندي ايراني صوبي سيستان جي سراوان واري علائقي ويجهو پنجاب سان تعلق رکندڙ 9 پورهيتن کي قتل ۽ ٽن کي زخمي ڪيو ويو آهي. اهي پورهيت هڪ آٽو ورڪشاپ تي ڪم ڪندا هئا، جن کي ٽن اڻ ڄاتل هٿياربندن ننڊ مان اٿاري قطار ۾ بيهاري گوليون هڻي ماري ڇڏيو. پاڪستان طرفان ايران کان ان واقعي جي ذميوارن خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايران پنهنجي سر زمين تي 9 پاڪستاني پورهيتن جي قتل کي ننديندي خاطري ڪرائي آهي ته، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن جون پاڙون پٽيون وينديون. ايران جي پرڏيهي معاملن جي وزرات طرفان چيو ويو آهي ته ملڪ جي ڳجهن ۽ تحقيقاتي ادارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي خطو عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي، ان ۾ به اسان جو ملڪ سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ڀوڳي رهيو آهي. ان جو هڪ سبب هن ملڪ جي پاليسي ساز ادارن ۽ قوتن جا ماضيءَ ۾ تدبر کان وانجهيل فيصلا ۽ پاليسيون آهن، جو هن ائٽمي قوت ملڪ جا حڪمران هڪ ئي فون ڪال تي پٽ پئجي ويا ۽ پوءِ دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جي نالي ۾ آمريڪي مفادن جي جنگ وڙهي وئي ۽ اسان آمريڪا جي غير نيٽو اتحادي واري اسٽيٽس جي نالي ۾ ئي نهال هئاسين. تڏهن کان اسان جي ملڪ ۾ جيئن دهشتگرديءَ جي شروعات ٿي آهي، اها اڃان تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. هاڻي به برادر اسلامي ۽ پاڙيسري ملڪن جي سر زمين اسان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي. ملڪ جي ٻن صوبن ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ حالتون خراب آهن، پوءِ اها جدا ڳالهه آهي ته اتي جيڪا ‘سيڙپ’ اسان جي ناعاقبت انديش حڪمرانن ڪئي هئي، اها اڃان تائين ڀوڳڻي پئجي رهي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ٻاهريون قوتون  پاڪستان جي استحڪام خلاف سازشون ڪري رهيون آهن ۽ انهن جي اک جو ڪنڊو ‘سي پَيڪ’ بڻيل آهي، جنهن اقتصادي راهداريءَ خلاف سازشون جاري آهن.

ايران ۾ 9 پاڪستاني پورهيتن جو قتل انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ۽ هي جڏهن واقعو ٿيو آهي ته ان جي “ٽائمنگ” به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. اڃان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا مس بحال ٿيا، جيڪا ڳالهه ٻنهي برادر ملڪن جي دشمن قوتن کي نه آئڙي ۽ 9 پاڪستاني پورهيتن جي قتل واري واقعي ذريعي نئون ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻي اهم ڳالهه اها ته ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کان ٻه ڏينهن اڳ اهو واقعو ٿيو آهي، جنهن مان پڻ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اصل هٿ ڪي ٻيا آهن، جيڪي ٻن برادر اسلامي ملڪن کي آمهون سامهون آڻڻ چاهين ٿا. اسان جيئن ته ان واقعي جي ٽائمنگ جو ذڪر ڪيو آهي ته اها ڳالهه پڻ سوچڻ جي آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ طرفان ڪوئيٽا ۾ سياسي جلسو ڪيو ويو ۽ بلوچ جدوجهد جڏهن سياسي واٽ وٺڻ لڳي آهي ته ان موقعي تي به ڪي اڻ ڏٺل هٿ وڌيڪ ويڇا پيدا ڪرڻ جي مذموم ڪوششن ۾ رڌل آهن. اهي دشمن قوتون پاڪستان کي ٻن برادر اسلامي ملڪن ايران ۽ افغانستان کان وٿيرڪو ڪري اڪيلو ڪرڻ چاهين ٿيون. هن وقت پاڪستان ۽ ايران کي انتهائي تحمل سان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ ايران کي اهو يقيني بنائڻ گهرجي ته پاڪستان جي خلاف ان جي سر زمين استعمال نه ٿئي ۽ پاڪستان جي 9 پورهيتن جي قتل ۾ ملوث هٿن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن آئنده اهڙا واقعا روڪي سگهجن.