ڪراچي(دلچسپ نيوز) ڇا اوهان ڪڏهن سوچو آهي ته جنهن رستا تان اوهان گذري رهيا هجو ۽ اوچتو اوهان جي اڳيان خونخوار جانور شينهن اچي وڃي ته اوهان جو ڪهڙو حال ٿيندو. ڀارتي شهر گجرات ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ 2 ماڻهن کي موٽرسائيڪل تي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو ان دوران جهنگ مان شينهڻ نڪري هنن جي اڳيان اچي بيهي ٿي. ان دوران موٽرسائيڪل تي پويان ويٺل شخص ڊڄي وڃي ٿو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. پر بائيڪ تي ويٺل اهي ٻئي ڄڻا خوش قسمت ثابت ٿيا ڇو ته شينهڻ هنن کي ڏسڻ باوجود انهن مٿان حملو نه ڪيو. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بابت سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته شينهن انسان تي ان وقت تائين حملو ناهي ڪندو جيستائين هن کي چيڙايو نه وڃي.