لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي فاسٽ بالر اولي رابن سن ڪائونٽي ڪرڪيٽ مئچ جو مهانگو ترين اوور ڪرائي ڇڏيو، اربع تي انگلش ڪائونٽي ۾ ليسٽر شائر ۽ سسڪس جي مئچ ۾ اولي رابن سن هڪ اوور ۾ 43 رنس ڏنيون، لسٽر شائر جي بيٽر لوئيس ڪمبر اولي رابن سن کي اوور ۾ 6 چوڪا، 2 ڇڪا هنيا ۽ هڪ سنگل ورتي، ان اوور ۾ 3 نوبالز به شامل هئا، ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ نوبال تي 2 رنس جون قانون آهي، ان لاءِ اوور ۾ 3 نوبالز تي 6 رنس به بيٽنگ ٽيم کي مليا، واضح رهي ته اهو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ٻيو مهانگو ترين اوور آهي، ان کان اڳ 1990ع ۾ نيوزيلينڊ جي ڊوميسٽڪ سيزن ۾ رابرٽ وينس 23 بالن جي اوور ۾ 77 رنز ڏنيون هيون ۽ ان اوور ۾ 17 نوبالز شامل هئا، ليسٽر شائر ۽ سسڪس جي مئچ ۾ لوئيس ڪمبر 100 بالن تي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي ۽ هن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ٻي تيز ترين سينچري ٺاهي، 2018ع ۾ افغانستان جي شفيق الله شنواري تيز ترين ڊبل سينچري 89 بالز تي ٺاهي هئي.