لاهور (م ڊ) انساني حقن جو علمبردار ۽ ناليوارو صحافي آءِ اي رحمان لاڏاڻو ڪري ويو. آءِ اي رحمان جي گهر ڀاتين لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته هو شگر ۽ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا هو. آءِ اي رحمان 1930 ۾ هريانه ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس عمر 90 ورهيه هئي، هن اظهار جي آزادي، انصاف جي فراهمي ۽ آئين جي تحفظ لاءِ قلمي جدوجهد ڪئي، هو تقريبن 65 ورهيه صحافت سان سلهاڙيل رهيو. آءِ اي رحمان صحافت جي ڪيريئر جي شروعات هڪ اخبار کان رپورٽر طور ڪئي ۽ هن صحافت جي پليٽ فارم تان ملڪ جي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته هو باقاعدي سان اهم موضوعن تي ڪالم لکندو رهيو. آءِ اي رحمان انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان ذريعي عوامي حقن جي جدوجهد ڪئي ۽ تقريبن ٻن ڏهاڪن تائين هيومن رائٽس پاڪستان جو ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته 2017 تائين ايچ آر سي پي ۾ سيڪريٽري جنرل به رهيو. آءِ اي رحمان کي 2017 ۾ هيومن رائٽس آئيڪون ايوارڊ ڏنو ويو ۽ کيس امن لاءِ خدمتن تي رامون مگسي ايوارڊ، جڏهن ته نورمبرگ انٽرنيشنل هيومن رائيٽس ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هوڏانهن سينيئر صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن آءِ اي رحمان جي لاڏاڻي کي سڄي قوم لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو ويو آهي.