راولپنڊي (م ڊ) آءِ ايس پي آر جي ترجمان  چيو آهي ته گهڻي عرصي کان افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان مان دهشتگرد پاڪ – افغان سرحد ذريعي دراندازي جي ڪوشش ڪندا آهن، افغان سرزمين تان دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز سان گڏ عام شهرين کي به نشانو بڻائيندا آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ – افغان سرحد کانسواءِ سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي سمبازا (زوب) ۾ 21 اپريل کان مختلف آپريشن ڪيا، هڪ مهيني دوران سيڪيورٽي فورسز 29 دهشتگردن کي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ان ئي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 14 مئي تي ميجر بابر خان شهادت ماڻي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کان شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو ته عبوري افغان حڪومت کي اثرائتي بارڊر مئنيجمينٽ يقيني بڻائڻ لاءِ هر هر چيو ويو آهي، اميد ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پاڪستان مخالف دهشتگرد ڪارروائين لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندي