افغانستان جي سرزمين  ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

0
16
افغانستان جي سرزمين  ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
افغانستان جي سرزمين  ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين  ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، خطي جي روشن مستقبل لاءِ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو

 وزيراعظم شهباز شريف آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينجز گڏيل آهن

هن چيو ته اسان کي خطي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، آستانه ۾ شنگهائي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان اڳ وزيراعظم گذريل ڏينهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان  ملاقات به ڪئي هئي

 وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ روس جا ٻطرفا لاڳاپا جيو پوليٽيڪل صورتحال سان متاثر نه ٿيندا