اشو آف دي ڊي موهن جو دڙو تي ڪنگ پريسٽ جي مجسميجي تذليل: سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار

0
630

موهن جو دڙو تي ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل واري عمل تي سوشل ميڊيا تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙي حرڪت ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته موهن جو دڙو ۽ ڪنگ پريسٽ سان محبت جي اظهار لاءِ سوشل ميڊيا تي پروفائيل تصويرن تي موهن جي دڙي، ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل سمبارا جون تصويرون رکيون ويون جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن موهن جي دڙي سان گڏ نڪتل پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون ۽ چيو ته موهن جو دڙو اسان جي تاريخ، تهذيب آهي سنڌ جو فخر آهي. ان سلسلي ۾ ظفر عزيز ميتلو لکيو ته جنھن ماڻھو کي وطن، قوم، تهذيب ۽ ثقافت تي غيرت نه اچي ان جھڙو بيغيرت دنيا ۾ نه هوندو، رشيد سڌايو لکيو ته جن به اهڙي غلط حرڪت جنهن به ڪئي آهي 24 ڪلاڪن اندر ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،نذير پياسي لکيو ته انهن جي گرفتاري جون مطالبو ڪريون ٿا، مظفر بلوچ لکيو ته سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو، عظيم تهذيب هن موهن جو دڙو جا وارث هوندي فخر محسوس ڪندا آھيون، پر اڄ هي منظر ڏسي دلي صدمون ڏک رسيو آھي، ڪجھه شرپسند مجمسي کي ڀونڊو ڏئي رهيا آھن، انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، هالار آريجو لکيو ته سنڌ مان جيڪڏهن موهن جو دڙو ڪڍي ڇڏيون، ته سنڌ ميرن، پيرن، ڄامن، سردارن، وڏيرن، جاگيردان ۽ انهن جي واٺن جي نگري ئي سمجهي ويندي، اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ تهذيب تي ناز آهي. محسن رند لکيو ته هر سال هڪ ميلو موهن جو دڙي جي تاريخي ماڳ تي به ٿيڻ گهرجي، جيئن اسانجي نئين نسلن کي پنهنجي قديمي ماڳن جي اهميت متعلق ڄاڻ ملي سگهي. سنديش ڪمار لکيو ته سنڌ جي ثقافتي کاتي پاران سنڌ جي تهذيب جي نشان ڪنگ پريسٽ جي مجمسي جي تذليل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سڃاڻپ لاءِ نادرا سان رابطو ڪيو ويندو. سارنگ مهراڻوي لکيو ته سِنڌو سَڀيتا جي تاريخي تھذيبي ورثي جي دراوڙي بادشاھه کي سنڌيت جو سلام ارپيون ٿا. الاهي بخش بڪڪ لکيو ته اسانکي پنھنجي ھزارين سالن جي پراڻي تاريخ ۽ شاندار تھذيب تي فخر آھي، اسان ھزارين سال اڳ به سنڌي ھئاسين ھاڻي به سنڌي آھيون ۽ فخر آھي ته شاھوڪار ٻولي ۽ شاھوڪار ثقافت جا وارث آھيون. اسانکي پنھنجي تاريخ ۽ تھذيب سان ايئن محبت آھي جيئن معصوم ٻار کي پنھنجي ماءُ جي ھنج سان، عزيز راج لکيو ته ھنن جاھلن کي ڪھڙي خبر ته انھن جي ان عمل سان موھن جو دڙو جي بادشاھه تي ڪو فرق پوي يا نه پوي پر ھنن جي زندگي تي وڏو فرق پوندو، ھي رڳو بيحرمتي نه پر ھڪ سازش آھي، ضروري آھي ته موھن جو دڙو جي سنڀال لاءِ مقرر انھن عملدارن کان به سختي سان پڇاڻو ڪيو وڃي، موھن جو دڙو جي تحفظ ۽ نگراني لاءِ ھڪ مڪمل سيڪيورٽي نظام ھجڻ گھرجي. جيئن اڳتي ڪو به اھڙو واقعو پيش نه اچي، دستگير ڀٽي لکيو ته دنيا جي آرڪيالاجيڪل ماھرن ۽ وڏن وڏن اسڪالرن پنج هزار سال قديم اسان جي موھن جي دڙي واري سماج کي دنيا جو سڀ کان وڏو تھذيب يافته ۽ امن پسند سماج قرار ڏنو آهي. سرجان مارشل سالن جا سال کوٽائي ڪرڻ کان پوءِ ھڪ به ھٿيار نه ملڻ تي خوشي وچان ھن شاندار انساني ورثي کي ھٿيارن کان پاڪ معاشرو ثابت ڪيو ھو جنھن کي انگريزيء ۾ لکيائين:( The great human civilization of Mohen Jo Daro happens to be a proven WEAPONFREE SOCIETY.) مشتاق چانڊيو لکيو ته ننڍي لاءِ اها پٽي پڙهائي ويندي هئي ته موهن جي دڙي مٿان خدا جو عذاب نازل ٿيو. ڪنهن به قوم کي غلام رکڻو هجي ته انهن کي پنهنجي هيروز خلاف ذهنن ۾ نفرت ڀري ڇڏيو ۽ دشمن کي هيرو قرار ڏيو جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ نه رکي سگهن، ايوب کوسو لکيو ته سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب ۽ موهن جي دڙي جي عظمت جي اهڃاڻ جي هي تذليل ناقابل برداشت آهي. انهن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.رخسانه پريت لکيو ته ڪجه جاھلن جي ڪيل ڪڌي عمل جي سنڌ جي پنج ھزار سال پراڻي تاريخ ۽ تھذيب کان معافي وٺجي ٿي، محمد سليمان وساڻ لکيو ته ڪنگ پريسٽ جو مجسمو موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران 1922 ۾ هٿ آيو، سر جان مارشل ۽ ٻيا آفيسر کوٽائي وقت موجود هئا. موهن جي دڙي جي پريسٽ سان تصوير ڇڪرائيندي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب ذهن ۾ هئي. خانزادي ڪپري، بلاول لاکو، مجاهد حسين سيد، همٿ علي ڦلپوٽو، لالا عبداللطيف پٺاڻ، علي آفتاب سنڌي، مسرور پيرزادو، ظفر علي،گلزار ملاح، اياز کوسو، شانل کوسو، سعيده گوپانگ، دانش لطيف تيوڻو، اندرا پوناوالا، رزاق عاصي، امر هڪڙو، حسين مسرت، قاضي آصف ۽ ٻين پڻ موهن جي دڙي جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون.