ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي  سرڪار  پاران ڀاڻ جي افغانستان ڏانهن اسمگل لاءِ سنڌ حڪومت تي الزام لڳايو پيو وڃي، الزام هڻندڙ وفاقي وزير خسرو بختيار ٻڌائي ته  سنڌ جي سرحد افغانستان سان ملندي آهي يا بارڊرن جو ڪنٽرول  سنڌ حڪومت وٽ آهي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جا وفاقي وزير پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ هر معاملي جو الزام سنڌ حڪومت تي لڳائي رهيا آهن. گذريل ڏينهن هڪ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾روڊن جي اپ گريڊيشن جو ڪم ڪيو پيو وڃي. جنهن سان شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي شهر جون رونقون بحال ڪيون ويون آهن.