اسانجا حڪمران ۽ آءِ ايم ايف جي اسيري

0
12
تنهنجي رمز ‘متحده’ ڇا سمجهون؟

خبرون آهن ته آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي ساراهيندي انهن کي معيشت لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي. ان سان گڏوگڏ عالمي مالياتي اداري 10 جولاءِ کان اڳ بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف پهرين جولاءِ کان اڳواٽ قدمن طور بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ نيپرا جي فيصلي تي فوري طوري تي عمل درآمد چاهي ٿو. عالمي مالياتي ادارو چاهي ٿو ته نئين مالي سال ۾ گئس جا اگهه وڌائي سبسڊي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف جي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪيو وڃي، ڇو ته آءِ ايم ايف جو وفد جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ پاڪستان اچڻو آهي ۽ اسانجا حڪمران ان جي جنبش ابرو جا اسير ۽ مطيع آهن.

هونئن ته اسانجا حڪمران آءِ ايم ايف جي ادائن جا اسير ته مُني صديءَ کان رهيا آهن پر هاڻي ملڪ جي خودمختياري ۽ عوام جي مرضي به نه عالمي اداري جي چرنن ۾ رکي وئي آهي. هاڻي ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اصل حڪمراني آهي ئي آءِ ايم ايف جي ۽ اسانجا حڪمران انهن جي پاليسين تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهن. هاڻي ته وزيراعظم شهباز شريف به اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته بجيٽ آءِ ايم ايف سان “گڏجي” ٺاهي وئي آهي. مڃون ٿا ته هي ملڪ مالي بحران جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ مشڪلات ۾ ڦاسي چڪو آهي پر وڌيڪ هراس “ڊيفالٽ – ڊيفالٽ” جون دانهون ڪري پيدا ڪري ملڪ کي عالمي مالياتي اداري جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو ويو آهي ۽ هاڻي ته “جيڏانهن ورائي، تيڏانهن وران ڙي يار” واري ڪار لڳي پئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ظالماڻا ٽيڪس لڳائي عوام جي جيئڻ جا گَسَ نه رڳو سوڙها پر بند ڪيا ويا آهن ۽ ان مالياتي اداري جي فرمائش هئي ته سندس شرطن کي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو وڃي ۽ انڪري اهي بجيٽ دستاويز ۾ شامل ڪيا ويا، جن جي منظوري ملڻ شرط ئي آءِ ايم ايف طرفان وڌيڪ فرمائشون شروع ٿي ويون آهن ۽ گئس ۽ بجلي جي اگھن ۾ واڌ وارو مطالبو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ اڳ ئي زندگي جي اذيت موت کان به سرس ۽ سوائي ڪندڙ مهانگائي آهي، سڀاڻي کان نئين مالي سال جي شروعات کان ته جيڪو مهانگائيءَ جو سونامي ايندو، ان جو تصور ئي ڪنبائيندڙ آهي. وري آءِ ايم ايف جي شرطن کي مڃيندي 10 جولاءِ تائين بجلي ۽ گئس جا اگھ وڌايا وڃن ٿا ته هتان جي عوام جو رد عمل به ڪينيا جي عوامي رد عمل کان مختلف نٿو ٿي سگهي. جڏهن پ  پ پ  جيڪا وفاقي حڪومت ۾ ڀائيوار آهي، ان بجيٽ تي اعتراض ڪيا ته اها اميد پيدا ٿي هئي ته شهباز حڪومت کي مجبور ڪيو ويندو ته اها عوام تي آءِ ايم ايف جي فرمائش تي مڙهيل ٽيڪسن ۾ نرمي ڪري پر پ پ پ  به پنهنجا پاور شيئرنگ وارا مطالبا مڃرائي عوام کي نڌڻڪو ڇڏي ڏنو ۽ عوام سمجھي ورتو ته ان جو ڪو به هڏ ڏوکي نه آهي. اهي روساما ۽ سرچاءَ عوام لاءِ نه هئا، اهي اختلاف عوام لاءِ نه هئا. “هئا اڳي ئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا” واري صورتحال آهي. عوام مهانگائي کان نجات جو جنهن کي آخري ذريعو ٿي سمجهو اهي به مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا. اها ڳالهه ڳجھي نه آهي ته آمريڪا آءِ ايم ايف کي پنهنجي مفادن لاءِ، دٻاءُ وجھڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي ۽ اسانجو الميو اهو آهي ته اسان مُني صدي گذرڻ باوجود ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو رُخ متعين ڪري نه سگهيا آهيون ۽ ٺهراءَ – جوابي ٺهراءَ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان سان به ڇڪتاڻ وڌندي ۽ آءِ ايم ايف جو آڪٽوپس پنهنجي پڪڙ وڌيڪ سخت ڪندو. حڪمران ٽولن جي نااهليءَ جي ڪري هتي هميشه عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. معاشي ٽيم نه هجڻ جي ڪري معاشي ماهر امپورٽ ڪرڻا پون ٿا، جيڪي به عالمي ادارن جا اڪثر پگھاردار هوندا آهن ۽ انهن جي ئي ايجنڊا لاڳو ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪندا آهن.

لڳي ائين ٿو ته موجوده حڪمران عوام جي صبر کي آزمائي رهيا آهن. وسيلن سان مالامال هن ملڪ تي تجربا ڪري مختلف پراجيڪٽ آزمائي هن حد تائين پهچايو ويو آهي، خاص طور تي 2018ع واري پراجيڪٽ وڏي تباهي ڪئي پر ان پراجيڪٽ جي تخليقڪارن کي نه گرفت ۾ آڻڻ جو سوچيو ويو ۽ نه ئي وري هن حالت تي پهچائڻ جو حساب ورتو ويو آهي. ڇا انهن کي اهو سڀ ڪجهه هميشه وانگر ڦٻي ويندو؟ هن ملڪ جا حڪمران ايترو ڪجهه ڪن، جيڪو “ساڪرو سهي سگهي”. انڪري قرضن ڀاڙڻ بدران ملڪي وسيلا هن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح لاءِ استعمال ڪيا وڃڻ، ڇو ته هي ملڪ وسيلن سان مالامال ملڪ آهي.