احتساب جو به احتساب ٿي سگهندو ؟

0
140
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ ۾ ڄڻ اها روايت ٿي وئي آهي ته هر ظلم غريب سهندو،انتقام جو نشانو بي پهچ بڻجندو،احتساب رڳو ڪمزور جو ٿيندو،انصاف رڳو امير کي ملندو،معاشي بار عام عوام تي پوندو،موجون ۽ مستيون  وري اهي ڪندا جيڪي انهن سڀني شين کان آجا هوندا يا وري ڪير انهن کي ڪجهه چئي نه سگهندو.جنهن ڪري انصاف نالي ڪا شيءَ ملڪ ۾ نه ملندي،قانون جو ڊپ رڳو عام ماڻهو کي هوندو، آئين به ڄڻ انهن لاءِ هوندو جيڪي اڳ ئي ان جو احترام ٿا ڪن باقي جيڪو آئين کي ڪجهه سمجهي ئي نه ٿو اهو ڀلي ڪهڙا به غير آئيني قدم کڻي ان جو ڪير نالو نه وٺندو.انهي کان وڌيڪ ٻي خطرناڪ روايت اسان وٽ اها پيدا ٿي آهي ته جنهن خرابي يا برائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو کاتو يا ادارو قائم ڪيو ويندو آهي اهو ئي ان خرابي يا برائي کي وڌائڻ ۾ مددگار يا سهولتڪار ٿي ويندو آهي جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن بهتري اچڻ بدران خرابي پيدا ٿيندي رهندي آهي.

صوبائي سطح تي ڪرپشن  ختم ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن جو کاتو قائم ٿيو ته ڪرپشن اردو محاوري وانگر “دن دوگني رات چوگني ” ترقي ڪرڻ لڳي.جڏهن منشيات جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس ڊپارٽمينٽ ڪم ڪرڻ لڳو ته ڪجهه هنڌن تائين محدود منشيات گهر گهر ،گهٽي گهٽي،چوڪ چوڪ ،ڳوٺ ڳوٺ،شهر شهر پهچي وئي.ٻيلن جي سنڀال  لاءِ  فاريسٽ کاتو ٺهيو ته صوبي مان ٻيلا ئي ختم ٿي ويا. جنهن کاتي جو نالو وٺ انهي جا ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن بلڪه ايئن چئجي ته اڳيون نور به چٽ ته غلط ڳالهه نه ٿيندي.مشرف جي دور ۾ سياستدانن جي ڪرپشن خلاف احتساب جو ادارو ٺاهيو ويو پر انهي اداري جي ٺهڻ سان سياستدانن جي ڪرپشن گهٽ ٿيڻ ته ٺهيو رهندو لوٽا ٿيندڙ سياستدانن جون ڄڻ فيڪٽريون تيار ٿي ويون جن کي ڪيڏي مهل به ڪنهن مقصد لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو ۽ لوٽو ٿيڻ تي انهن جا سڀ گناهه معاف ۽ اهو سرٽيفڪيٽ وري اهو ادارو جاري ڪندو هو جنهن کي سياستدانن جي ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو.

سياستدانن جي ته ڪرپشن ختم ٿي يا  نه پر جيڪي انهي ڪم لاءِ رکيا ويا انهن جي ڪرپشن ٻڌي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون جو نيب جا ڪلرڪ به ڪروڙن ۾ کيڏڻ لڳا. هاڻوڪي حڪومت ۾ شايد پهريون دفعو ٿيو آهي جو  نيب جي ڪرپشن تي پڇاڻي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.  پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي نيب ٺهڻ کان هيل تائين نيب جي سمورن ملازمن، آفيسرن، سندن ٻارن، والدين، ڀائرن ۽ ڀينرن جي سمورن اثاثن جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اداري جي اڪائونٽس جي آڊٽ، نيب ملازمن جي پگهارن ۽ مراعتن جا تفصيل مهيني اندر پي اي سي ۾ پيش ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جو وقتي چيئرمين ظاهر شاهه به پيش ٿيو. ان موقعي تي چيئرمين نور عالم خان چيو ته ڪرپشن اهڙن هنڌن تي ٿيندي آهي جتي چيو ويندو آهي ان کي ڇڏي ڏيو، احتساب جو به احتساب ٿيندو. نيب وارا پنهنجي گهرڀاتين کي به اهي سوال ناما موڪلين جيڪي نيب پنهنجي ملزمن کي موڪليندي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آڏو اهي سڀ ماڻهو  يا ادارا جوابده آهن جيڪي قومي خزاني مان رپيو به خرچ ڪن ٿا پر بدقسمتي سان هتي رڳو سياستدانن جو ئي احتساب ٿيندو رهيو آهي ۽ اهو احتساب ڪندڙ پاڻ هر پڇاڻي کان آجا هوندا آهن جنهن ڪري ڪميٽي جي چيئرمين کي به چوڻو پيو ته احتساب جو به احتساب ٿيندو.پر اسان جو ماضي گواهه آهي ته اهي ڳالهيون رڳو خواهش ته ٿي سگهن ٿيون پر ان تي عمل ڪرڻ ناممڪن نه تڏهن به ڏکيو ضرور آهي جيڪڏهن احتساب جو به احتساب ٿئي ٿو ته انهي کان وڌيڪ ٻي ڪا بهتر ۽ مثبت ڳالهه ٿي ئي نه ٿي سگهي.