آپگهات يا قتل؟ سيتا روڊ ۾ گهر اندر شاگردياڻي جو لاش هٿ

0
326
سيتا روڊ ۾ مبينا طور آپگهات

سيتا روڊ (ن پ ا) سيتاروڊ روڊ ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھ ۾ پڙھندڙ شاگردياڻي ڊاڪٽر عصمت طور جو سندس گهر ۾ گولي لڳل لاش مليو آهي

سيتا روڊ جي وارڊ نمبر 8 جي رھواسي دڪاندار جميل احمد طور جي نياڻي ۽ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھ ۾پڙھندڙ ڊاڪٽر عصمت طور پنهنجي گھر اندر مبينا طور بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سيتا صحت مرڪز منتقل ڪري ڇڏيو

خود ڪشي ڪندڙ شاگردياڻي جي ڀاءُ نادر طور ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اسان سڀ گهر ڀاتي ستا پيا هئاسين ته صبع جو تقريبن 9 وڳي فائر جي آواز تي اٿياسين ته ڀيڻ ڪمري ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي, جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ته واقعو خودڪشي آهي يا قتل

سيتا روڊ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي عصمت ۽ سندس وارثن کي ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف

سيتا روڊ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي عصمت ۽ سندس وارثن کي ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، شاگردياڻي جي والد لاش هٿ اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سيتا روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو

شاگردياڻي جي والد چيو ته ڌيءُ کي شمن سولنگي ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي ڌيءُ کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، جوابدار مختلف وقتن تي ڌيءُ کان پئسا به گهريا هئا

  2 هفتا اڳ شمن سولنگي کي فائرنگ ۾ گوليون لڳيون، اسان مٿس حملو نه ڪرايو هو، اُن باوجود کين موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون