اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن واري ايوان  جي پاڪستان جي چونڊن بابت قرارداد جو نوٽيس وٺندي قومي اسيمبلي ۾ جوابي قرارداد آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي خرچن ۾ ڪتوتي جي رٿن ۽ تنقيد جو جواب ڏيندي  پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته قرارداد جو مسودو تيار آهي. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد جو ذڪر ڪيو، جنهن تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پرڏيهي پاليسي تي ايوان جو خاص اجلاس سڏائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. مناسب آهي ته بجيٽ اجلاس کانپوءِ پرڏيهي پاليسي تي غور لاءِ اجلاس گهرايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهي آفيس آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد  پنهنجو موثر رد عمل ڏنو. پرڏيهي وزير ايوان ۾ آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد تي پرڏيهي آفيس جو رد عمل پڙهي ٻڌايو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آمريڪي قرارداد جو نوٽيس ورتو آهي، آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد جي جواب ۾ قرارداد آڻينداسين، قرارداد جو مسودو تيار آهي. اسان آمريڪي قرارداد جو جواب ضرور ڏينداسين. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اسرائيل جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. اسان چيو ته فلسطينين خلاف جنگ فوري طور بند ٿيڻ گهرجي. اهو چوڻ درست ناهي ته حڪومت فلسطين جي مسئلي تي آواز نه اٿاريو. حڪومت سوشل ميڊيا تان اسلامو فوبيا تي ٻڌل مواد هٽائڻ لاءِ قدم کڻي. پرڏيهي وزير چيو ته پرامن افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. افغانستان اسان جي ترجيحي ايجنڊا تي رهندو. موجوده حڪومت اقتصادي سفارتڪاري شروع ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهي پاليسي تي جنهن وقت به چئو ايوان کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. پاڪستان 12 سالن بدران ٽن سالن ۾ پنهنجا معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پاڪستان ٻڌايو ته هو دنيا جي اڀرندڙ معيشت آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڪهڙي ڳالهه جو ذڪر ڪريان ته هي ملڪ ڪيئن غير مستحڪم ٿيو آهي؟ مان ان ۾ وڃڻ نٿو چاهيان ته هڪ چونڊيل حڪومت کي هٽائي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو ويو.