سکر (بيورو رپورٽ) آر ٽي سي خيرپور ۾ شھدادپور مان پگھار کڻندڙ جبار ميمڻ کي اڪائونٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو پگھار شھدادپور مان کڻندو آھي ۽ ڊيوٽي خيرپور آر ٽي سي ۾ ڪندڙ آھي. اھڙي طرح ڪانسٽيبل سجاد لنڊ کي وڏو منشي لا طور قائدن جي ابتڙ مقرر ڪيو ويو آھي. اعتبار جوڳن ذريعن کان اِھا به ڄاڻ ملي آھي ته آر ٽي سي ۾ مقرر عملي کان ھڪ کان 2 ھزار رپيا ماھوار رشوت ورتي ويندي آھي ۽ نه ڏيندڙن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو ويندو آھي. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي آر ٽي سي خيرپور جي پرنسپل خالد مخدومي ٻڌايو آھي ته اِھو اسان جو اندروني معامرو ھوندو آھي، مون کي ڄاڻ ناھي ڇو جو ڪجهه ڏينھن اڳ منھنجي مقرري ٿي آھي، مون کان اڳ ٿيو ھوندو پوءِ به تصديق ڪريان ٿو. آر ٽي سي جي عملي کان مبينا رشوت واري سوال جي جواب ۾ آر ٽي سي خيرپور جي پرنسپل خالد مخدومي جو چوڻ ھو ته پھريان ٿيندو ھوندو، جڏھن کان مان آيو آھيان اِھو سڀ بند ڪرائي ڇڏيو آھي. مون سختيءَ سان اھڙن معامرن کان عملي کي منع ڪيو آھي، باقي جيڪڏھن شڪايت ٿي ته بلڪل ڪارروائي ڪئي ويندي.